بدھ، 22 مئی، 2013


آل ٺاڪور اسٽوڊينٽس آرگنائيزيشن آف سنڌ

 آل ٺاڪور قوم کي سجاگ ڪرڻ لاء ڪجه اهم ڳالهيون آل ٺاڪور اسٽوڊينٽس آرگنائيزيشن آف سنڌ جو منشور ٽي شين تي مشتمل آهي

 .3تعليم1 صحت2 ، ڌرم

 تعليم ـ لفظ تعليم جي معنى سکيا،پڙهائي،تدريس،هدايت،رهبري ۽ تلقين آهي.مخلتف مذهبي اڳواڻن،تعليمي ماهرن مفڪرن،دانشورن تعليم جون مختلف وصفون بيان ڪيون آهن هڪ ڪتاب ۾ لکيو ويو آهي ته تعليم ڀگوان جي معرفت جو ذريعو آهي.۽ جيڪو تعليم حاصل ڪري ٿو.اهو ڀگوان جي عبادت ڪري ٿو ۽ جيڪو تعليم ڏئي ٿو،اهو ڄڻ دان پُڃ ڪري ٿو.علم انسان لاءِ مال ۽ دولت آهي.تعليم جي ماهرن تعليم جا مقصد بيان ڪيا آهن.ته تعليم حاصل ڪرڻ سان جسماني، جذباتي ،ذهني ۽ معاشرتي ترقي حاصل ٿئي ٿي.تعليم حاصل ڪرڻ سان انسان زمين جي هيٺا نهن کان آسمان جي بلندين تائين پهچي وڃي ٿو.تعليم روشني آهي.اچو ته گڏجي جهالت جي اونداهي کي تعليم جي روشني سان ڀڄائي ڪڍو. شلوڪ؛يَشانه وِديا،نه تپونه دانَم، گيانَم نه شِيلم، گڻونه ڌرمه ،تي مرتيو لوڪي ، ڀارڀُوتا،منوشيه روپيڻ،مرگهاس چرنتي،ترجمو؛جن وٽ نڪوعلم آهي،نڪو تپسيا آهي،نڪو شِيل آهي،نڪو گُڻ آهن،۽ نه ئي ڌرم آهي،اهي ته هِن دنيا۾زمين تي بار آهن،انسان جي روپ ۾گاهه چرڻ وارا جانور آهن. ڪجه اهم نقطا تعليم جي نظري مطابق .1علم ڏاهپ آهي، مشڪل ۾ مدد ڪري سگهي ٿو. علم عبادت آهي،حاصل ڪرڻ سان ثواب ملي ٿو. 3.علم بادشاهي آهي،هر جاءِ تي عزت بخشي ٿو.2 علم هدايت آهي،ڀٽڪيلن جو علاج ڪري ٿو.جنهن علم پرايو ۽ عمل نه ڪيو ان جو مثال ائين آهي جئين هڪ هاري هر ڪاهيو ۽ ٻج نه ڇٽيو علم هڪ اهڙو درياءُ آهي، جيڪو انسان کي اونداهي کان ڪڍي روشي ۾ پهچائي ٿو. شري ڪرشن ڀڳوان شريمد ڀَڳوَت گيتا ۾ 10 آدياءَ ۾ فرماين ٿا . شلوڪ: تيشام ستت يوڪتا نام ڀيجتام پريتي پورو ڪم، ددامي ٻُدي يوگم تم ي نِ مام اَپيانتي تي. ترجموــ اُهي اِنسان جيڪي مون کي مُسلسل پريم ۽ ڀڳتي سان پوڄين ٿا آئون اُنهن کي اهڙي ٻُدي (عقل) عطا ڪرِيان ٿو جنهن سان مونکي ڄاڻي پنهنجي علم ۾ اِظافو ڪري سگهن ٿا. تعليم هر فرد کي حاصل ڪرائڻ جنهن ۾ مرد، عورت ۽ ڇوڪرين کي ڏيڻ جي ڪوشش ڪرڻ جنهن ۾ مختلف جاين تي سيمينار ۽ فنڪشن ڪرائڻ جيئن ته تعليم جو رجهان پيدا ٿي سگهي ٿو. خاص ڪري نياڻين کي تعليم حاصل ڪرائڻ سان اسان جي خاندان ۾ شعور پيدا ٿيندو. “صحت” صحت جي معني،جسماني ۽،ذهني طور فٽ هجي.اسين ڪيترين بيمارين جو سبب بڻجون ٿا.انهي جو سبب صرف ۽ صرف صفائي نه هجڻ جي ڪري آهي،صفائي نه هئڻ جي ڪري ڪيتريون ئي بيماريون اٽيڪ ڪري سگهن ٿيون. اسان جي آرگنائيزيشن جو مقصدآهي ته قوم ۾ صفائي جي باري ۾ ڄاڻ ڏيڻ ۽ مختلف سيمينار ۽ فنڪشن ڪرائي شعور پيدا ڪرڻ ته جيئن بيمارين کان بچي سگهي. بيمارين کان بچڻ لاءِ مختلف سيمنار ۽ فنڪشن ڪرائي انهن کي ڄاڻ ۽ شعور پيدا ڪرڻ آهي. اسان جي آرگنائيزيشن جو مقصد صحت جي باري ۾ ڄاڻ، ۽ حفاطتي ٽکا ڏيارڻ جو شعور پيدا ڪرڻ آهي، ضرورتمند جي لاءِ فري ڪيمپون لڳائڻ ۽ دوائون مهيا ڪرڻ آهي، ۽ هر طرح جي مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ آهي. . اسان جي آرگينايِزيشن جومقصد اسان جي قوم ۾ تعليم ۽ مذهب جي باري ۾ شعور پيد ڪرڻ آهي. “ڌرم” ڌرم انسان جي سڃاڻپ آهي.ڌرم کان سواءِ انسان کي ننڍي وڏي سان ڳالهائڻ جو طريقو نه هوندو آهي. ڌرم انسان جون برايون ختم ڪري انهن کي سڌي رستي تي آڻي انسانيت جو درس ڏئي ٿو. ننڍن وڏن کي عزت ۽ سلڇڻو ٺاهي ٿو، ڌرم جو پرچار ڪرڻ هر هنڌو تي فرض آهي، سناتن ڌرم اسان جو ڌرم آهي، هر نياڻي توڙي هر ڇوڪري تي شريمدڀَگوَت گيتا جو هر روز پاٽ پڙهڻ گهرجي ته جيئن اسان ۾ ڪروڌ ۽ برايون ختم ٿين اگر پڙهيل لِکيل يا شعور رکندڙ دوست هِن آرگنائيزيشن۾ ڪم ڪرڻ چاهين ٿا ته هيٺين آرگينائيزرن سان رابطو ڪن. (( آرگنائيزر)) ڊاڪٽرپريم چند، ايل.يُو.ايڇ حيدرآباد03453587381 ڊاڪٽرڪيول داس راجوخاناني ڊاڪٽرديارام سيٺ منجي رام ٺاڪورحيدرآباد ڊاڪٽر امولڪداس03423476771 ٻيجل ٺاڪور بائيخان ٽالپُر 03012754713 اشوڪ ڪمارٽنڊو مُحمد خان0313329038 هريچند ٺاڪور03133353968 ۽ ٻِيا دوست beejal^on^FB facebook,page